ديوي ٻائي هاسو مل

ديوي ٻائي هاسو مل: ديوي هاسو مل ماکيجاڻيءَ جو جنم، 1906ع ڌاري ٿيو. سندس پيءُ ڪرمچند امرتراءِ سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ هڪ آدرشي اُستاد (اڌياپڪ) هو ۽ سندس ماءُ ڌرمي جذبي واري آدرشي گهر ڌياڻي هئي، جنهنڪري سندن ٻارن ۾ به اهي خصلتون پيدا ٿيون. ديوي ٻائيءَ کي به ننڍي هوندي کان اهو وايومنڊل ۽ صحبت نصيب ٿي، جنهنڪري هن جي زندگيءَ کي آدرشي موڙ مليو، خاص ڪري سندس ٻن ڀائرن هيرانند ڪرمچند (ايڊيٽر ’هندستان‘ اخبار) ۽ شيوڪرام ڪرمچند (جنرل سيڪريٽري سرونٽس آف پيپلز سوسائٽي، دهليءَ) جو سندس زندگيءَ تي وڏو اثر پيو، جن پنهنجي سڄي زندگي سماج ۽ ديس جي خدمت ۾ گذاري.
خوشقسمتيءَ سان ديوي ٻائيءَ کي مڙس هاسو مل به اهڙن ئي ويچارن وارو مليو. هو به ننڍي هوندي کان وٺي ٻنهي ڀائرن جو پاڙيسري، دوست ۽ ساڳيءَ راهه جو پانڌيئڙو هو، ان ڪري ديوي ٻائيءَ کي 1927ع ۾ شاديءَ کان اڳ ۾ توڙي پوءِ پنهنجي ترقيءَ ۽ واڌاري جو پورو وجهه مليو.
1919ع ۽ 1921ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جيڪي هلچلون هلايون، تن سندس ڀائرن وانگر هن تي به وڏو اثر وڌو. گانڌيءَ جي 1932ع ۽ 1942ع وارين هلچلن هن کي ڇڪي سياسي ميدان ۾ آندو ۽ ٻنهي زال مڙس انهن ۾ سرگرم بهرو ورتو، جنهنڪري کين ڪيترا ڀيرا جيل ڀوڳڻو پيو ۽ اهو به ’سي‘ ڪلاس ۾. انهن هلچلن هلندي ديوي ٻائيءَ، کاڌيءَ ۽ سوديشي هلچلن ۽ هريجنن جي خدمت جي ڪم ۾ سرگرم حصو ورتو.
هن جي خدمت واري جذبي کان متاثر ٿي ڪانگريس ٽڪيٽ تي کيس حيدرآباد سنڌ جي ميونسپل جي ميمبريءَ لاءِ اميدوار بيهاريو ويو، جنهن ۾ هن هڪ اثر رسوخ واري ميمبر لوڪي مل کي شڪست ڏئي چونڊ کٽي ۽ سنڌ ۾ پهرين عورت هئي، جيڪا ميونسپل ميمبر بڻي. اُتي رهندي هن جيڪا پنهنجي وارڊ، هيرآباد جي خدمت ڪئي، اُها وسرڻ جي نه آهي. روز صبح جو اُٿي وارڊ جا چڪر هڻندي هئي ته رستن جي ڪسين وغيره جي صفائي پوري ٿئي ٿي يا نه. ان ڪري سينيٽري انسپيڪٽر ۽ ٻيا بلڪل خبردار رهندا هئا. سندس خدمتن جو قدر ڪندي اُن وقت جي حيدرآباد جي ڪليڪٽر يُو. ايم. ميرچنداڻيءَ جي سفارش تي سنڌ سرڪار کيس جي. پي (J. P) بنايو، پر اُن وقت جي هن ڪانگريسي سوچ واريءَ خوددار عورت اُهو پَد قبولڻ کان انڪار ڪيو.
حيدرآباد ۾ هن پنهنجي مڙس جي سهڪار سان هڪ ’گانڌي گروپ‘ قائم ڪيو، جتي اسڪولي شاگردن، خاص ڪري ڇوڪرين جا هفتيوار اڀياس ڪلاس (Study Classes) هلايا ويندا هئا ته جيئن اُنهن ۾ وطن دوستي ۽ ديس جي خدمت جو جذبو پيدا ٿئي. اُن سکيا جو ئي اثر هو، جو جڏهن 1943ع واري تحريڪ ۾ ديوي ٻائي جيل ۾ وئي ته ساڻس گڏ ڇوڪرين جو به هڪ شاهي ٽولو سزاياب ٿيو ۽ اهي ديوي ٻائيءَ سميت حُرن جي زالن سان گڏ رهايون ويون. ورهاڱي کان پوءِ ديوي ٻائي ڀارت اچڻ بعد پنهنجي مڙس سان گڏ سوراشٽر وئي، جتي سندس مڙس کي ريهبيليٽيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو هو. هوءَ به اُتي رهي ۽ مڙس سان گڏ سنڌ مان لڏي آيل شرنارٿين جي ڪئمپن جا دورا ڪندي رهندي هئي ۽ جيڪا خدمت هن لڏي آيل سنڌين جي ڪئي، ان جي ساک سوراشٽر جي وڏي وزير ڌيڀر ڀائي، مشهور اديب نارائڻداس گانڌي ۽ پشپا ڀنڊ ميهتا شاندار لفظن ۾ ڀري آهي.
بمبئيءَ اچڻ بعد هوءَ گهرو زندگيءَ تائين محدود رهي. 1955ع ڌاري کيس سَنڌن جي سُور (Reheumotrised Anthorites) جي شديد تڪليف ٿي. هوءَ ساڌو واسواڻيءَ جي ڀڳتڻ هئي، جنهن هڪ ڀيري کيس لکي ڏنو ته ”ڌڻيءَ وٽان تو کي اها ’سُورن جي سوکڙي‘ ملي آهي.“
ديوي ٻائيءَ 7 آگسٽ 1967ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو